سيد سردار احمد

سيد سردار احمد

سيد سردار احمد

سيد سردار احمد: ناميارو سياستدان ۽ رٽائرڊ ڪامورو، سيد سردار احمد ولد سيد علي احمد، 9 نومبر 1933ع تي اجمير شريف، ڀارت ۾ ڄائو. ورهاڱي وقت سندن ڪٽنب لڏي ڪراچيءَ آيو. سيد سردار احمد بي.اي ۽ ايم.اي جون گريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سي.ايس.پي آفيسر بڻيو. هن ايس.ڊي.ايم، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر طور سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، ان کانسواءِ سينئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو ۽ پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جو چيئرمن رهڻ کانسواءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
سيد سردار احمد رٽائرمينٽ کانپوءِ متحده قومي موومينٽ ۾ شامل ٿي سياسي سرگرمين ۾ بهرو ورتو. 2008ع جي چونڊن ۾ متحده قومي موومينٽ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهي ڪامياب ٿيو ۽ سنڌ ڪابينا ۾ ايڪسائيز، ناڻي کاتي ۽ صحت کاتي جو صوبائي وزير رهيو.
2013ع جي چونڊن ۾ پي.ايس 124 ڪراچيءَ تان ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر طور ڪامياب ٿيو آهي.


لفظ سيد سردار احمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.11.09  عيسوي

ناميارو سياستدان ۽ رٽائرڊ ڪامورو، سيد سردار احمد ولد سيد علي احمد، 9 نومبر 1933ع تي اجمير شريف، ڀارت ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بشير احمد هيسباڻي
رام رسيلا
سلطانه صديقي
بيگم آغا خان
حسين خان ٺوڙهو
آر ڪي سڌوا
شيخ موسيٰ سيوستاني
شاهه محمد شرنائي
احمد خان سهاڳ
جسڪاڻي مشتاق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون